سنڌ

قمبر جي رليف ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر 2 ٻارڙا فوت، وارثن جو ڌرڻو

قمبر جي ڊگري ڪاليج رليف ڪيمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر معصوم ٻار علي حسن نورياڻي چانڊيو ۽ ٽن ورهين جي معصوم نياڻي پياري ڌيءَ عبدالستار ڏيپراڻي چانڊيو سهولتن جي کوٽ سبب فوت ٿي ويا. وارثن وڳڻ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ضلعي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. فوتين جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جا ٻچا روز مري رهيا آهن، ضلعي انتظاميا اڻپوريون سهولتون ڏنيون آهن، شديد گرمي، بک، بدحالي ۽ علاج نه ٿيڻ سبب اسان جي خيمن مان روزانو جنازا نڪري رهيا آهن، جيڪو اسان سان وڏو ظلم آهي. انتظاميا اسان جي واهر نه ڪئي ته مجبور ٿي روڊن تي ويهي ڏينهن رات احتجاج ڪنداسين. جڏهن ته فوتين جي وارثن کي ايم پي اي سردار خان چانڊيو جي پرسنل سيڪريٽري مقصود احمد ميمڻ ڪفن دفن لاءِ روڪ رقم ۽ ڪانڌپي جي ماني ڏياري تدفين لاءِ ايمبولينس پڻ ڏياريون، جنهن بعد ٻوڏ متاثرن احتجاج ختم ڪندي لاش اباڻي ڳوٺ تدفين لا کڻائي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button