سنڌ

نيازي کي آچر ڏينهن ضمانت، ڇا اها سهولت ٻين کي به ملندي:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران نيازي کي ضمانت ملڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران کي اڄ آچر ڏينهن ضمانت ملي وئي. ڇا اها سهولت هر پاڪستاني جي لاءِ دستياب آهي؟ هن پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي چيو ته عمران خان پنهنجي تقريرن ۾ هميشه چوندو آهي ته هو گرفتاري کان نٿو ڊڄي پر گذريل رات کان هو پنجاب ، ڪي پي ڪي جي پوليس ۽ چونڊيل نيوز چينلن جي ڊي ايس اين جيز جي حسار ۾ ڇو لڪيو پيو آهي. هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن، امدادي سرگرميون سمورن متاثرن جي بحالي تائين جاري رهنديون. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 43259 خاندانن کي راشن بيگز فراهم ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي 1193901 خاندانن ۾ راشن بيگز ورهائي چڪا آهيون. صوبائي وزير آچر ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ دادو ۾ 750 خاندانن کي راشن بيگس، مٽياري ۾ 1000، جيڪب آباد ۾ 500 ، قمبرشهدادڪوٽ ۾ 500 ، لاڙڪاڻو ۾ 6300، نوشهرو فيروز ۾ 2000، سانگهڙ ۾ 3850، حيدرآباد ۾ 4500، سجاول ۾ 3000، ٽنڊو الهيار ۾ 9100، ٺٽي ۾ 3000، شڪارپور ۾ 3000 ، ميرپور خاص ۾ 2000، ٿرپارڪر ۾ 3500 ۽ ٻين ضلعن ۾ متاثر ٿيل خاندانن ۾ راشن بيگز ورها ويا. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ متاثرن ۾ وڌيڪ 5900 خيما، 17500 ترپال، 5500 مڇردانيون، 51999 سولر لائٽون، 2400 ڪچن سيٽس، 782388 ليٽر منرل واٽر ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن جو گهرن ڏانهن واپس وڃڻ جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 7207 ٻوڏ متاثر ريليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. جن کي ضلعي انتظاميا ٽرانسپورٽ جي سھولت ۽ راش بيگس مھيا ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته رليف ڪئمپن ۾ ھن وقت 357855 ٻوڏ متاثر ترسيل آھن، جن ۾ 115209 ٻار ۽ 87716 عورتون شامل آهن، انھن کي ٻن وقتن جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي صورتحال ۽ وھڪرن بابت شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 60 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 46 هزار 800 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 45 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار 900 ڪيوسڪ آهي. ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 1 لک 31 هزار 400 ڪيوسڪ، جڏهن ته ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي جو ڇوڙ هڪ لک 600 ڪيوسڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button