سنڌي ادبي بورڊ جو ڍڳي وارو لوگو (مھر) ختم ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، نور احمد ڪاتيار، اسماعيل خاصخيلي، نذير راڄپر، حاڪم جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي نائب صدر عمره سمون، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي. جڏهن ته نوشهروفيروز پريس ڪلب اڳيان حسين سومرو، سرور سنڌي، صدام سومرو، ستار عمراڻي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان سنڌ جي موھن جي دڙي واري قديمي لوگو (مھر) کي مٽائڻ سنڌ جي ٻولي ۽ تاريخ کان انڪار ڪرڻ برابر آھي، سنڌو ماٿري جي قديم ۽ شاھوڪار تهذيب دنيا جي قديم ترين تھذيبن منجھان ھڪ آھي. سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي حڪمرانن جي ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ جي موھن جي دڙي واري قديم لوگو (مھر) کي مٽائي ختم ڪري سنڌ جي سڌريل، ترقي يافتا تاريخ سان ڌڪار جو اظھار ڪيو آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close