سنڌ

ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ پلاٽ ڏئي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن:اي پي سيز

قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي “حڪمرانن پاران ٻوڙيل سنڌ ۽ عارضي ۽ مستقل حل” جي عنوان سان مختلف شهرن ۾ اي پي سيز ڪيون ويون. ان ڏس ۾ شھدادپور، ميرپور بٺورو،ٺٽو، ڄامشورو ۾ آل پارٽيز ڪانفرنسز ٿيون، جنهن ۾ ايس ٽي پي، ايس يو پي، پي ٽي آ، جسقم ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي. ھنن ھميشه سنڌي ماڻهن کي پٺي ۾ خنجر ھنيا آھن. سنڌ حڪومت برساتن ۽ ٻوڏ ۾ سنڌ جي عوام جي ريسڪيو نه ڪري سگھي آھي، نه رليف ڏئي سگھي آھي ۽ نه وري ريھيبليٽيشن ۾ ھو سنجيدہ حڪمتِ عملي يا رٿابندي جو ارادو رکي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button