سنڌ

عمران خان ڪوڙو ۽ ملڪ دشمن شخص آهي:نويد قمر

صنعت ۽ واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته عمران خان ڪوڙو ۽ ملڪ دشمن شخص آهي، هن جيڪو پوکيو اهو لڻي رهيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ واضح ڪيو آهي ته نواز شريف خلاف ڪو به ثبوت ناهي. عمران خان ڪوڙو ۽ ملڪ دشمن آهي. ٽنڊو محمد خان ۾ سينيئر صحافي حيدر شورو جي لاڏاڻي تي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد نويد قمر چيو ته موجوده حڪومت ٻوڏ متاثرن ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو رليف ورهايو آهي، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ اٽو 65 رپيا في ڪلو فراهم ڪيو پيو وڃي. ٻوڏ متاثرين وبائي مرض کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن لاءِ صحت کاتي کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين 50 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن، جنهن مان ٻوڏ متاثرن کي 25 هزار رپيا في ماڻهو امداد ڏني پئي وڃي. 25 هزار ادائگي جي غير قانوني ڪٽوتيءَ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button