سنڌ

ڊي سي شڪارپور آڏو ڳوٺاڻن جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ جون دانهون

برسات ۽ سم جو پاڻي نيڪال ڪندڙ رڪ پمپنگ اسٽيشن تي بجلي لوڊشيڊنگ ۽ 24 مان 10 موٽر خراب هجڻ ڪري پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو عوامي شڪايتن تي ڊي سي شڪارپور ابرار جعفر نوٽيس وٺي رڪ پمپنگ اسٽيشن پهتو. ان موقعي تي سياسي سماجي اڳواڻ ۽ ڳوٺاڻا علي کوسو، وزير علي ڊومڪي، لکمير بروهي، عاشق ڊومڪي ۽ پهچي ويا، جن پمپنگ اسٽيشن جا موٽر نه هلڻ ڪري پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون. ان موقعي تي ڊي سي ڳالهائيندي چيو ته مان اوهان جون شڪايتون ٻڌي هتي پهتو آهيان، ڪوشش ڪري سمورا مسئلا حل ڪري اوهان جي علائقي مان پاڻي ڪڍرايو ويندو. جنهن بعد ڊي سي متاثر ڳوٺن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ ڳوٺاڻن جي مدد جي خاطري ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button