
لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ايندڙ مريضن جي انگ ۾ اضافي کانپوءِ وارڊ ۾ مريضن لاءِ بيڊ به گهٽجي ويا، بيڊ نه ملڻ ڪري مريضن کي فرش تي سمهاري علاج ڏنو پيو وڃي جتي ايمرجنسي وارڊ ۾ مبينا طور علاج ۽ بيڊ نه ملڻ جي ڪري الله ڏنو شيخ نالي مريض فرش تي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن تي سندس وارثن اسپتال انتظاميا کي پٽون پاراتا ڏئي لاش مٿان روئيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي مريض جي وارثن الزام لڳائيندي ٻڌايو ته اسان مريض کي چانڊڪا اسپتال آندو جتي اسان کي بيڊ به نه ڏنو ويو ۽ نه ئي کيس بهتر علاج ڏنو ويو جنهن ڪري اسان جو مريض فرش تي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته چانڊڪا اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ ختم ڪري مريضن جون زندگيون بچايون وڃن. ٻئي طرف فوتي جو لاش وارث گهر کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.