
لاڙڪاڻي ۾ فروٽ ۽ سبزي منڊي ايسوسيئشن جي صدر مسيح الله جتوئي جي صدارت هيٺ اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري سيد عبدالرقيب شاهه، محمد اقبال شيخ، ڪلو خان، روشن ڏاهاڻي، شاهد ميراڻي ۽ ٻين واپارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مسيح الله جتوئي چيو ته لاڙڪاڻي جي سبزي منڊي ۾ تمام گهڻي سوڙهه ۽ ڪشادگي نه هجڻ ڪري ڪافي پريشاني سان ڪاروبار ٿي رهيو آهي تنهن ڪري بنا دير نئين سبزي منڊي ٺاهي وڃي. هوڏانهن اجلاس جي آخر ۾ سبزي منڊي جي صدر طرفان واپارين جي مسئلن لاءِ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي.