ٽنڊو محمد خان جي برسات متاثرن جي سهائتا لاءِ قومپرست عوامي اتحاد مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ اتحاد جي صدر محمد جمن ملاح، نائب صدر زاهد جسڪاڻي، جنرل سيڪريٽري جاويد هاليپوٽو، جوائنٽ سيڪريٽري صوفي حامد سنڌي، خزانچي منور سومرو، اطلاعات سيڪريٽري ساجد ڀٽي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تازين برساتن، درياهه جي ٻوڏ ۾ ڪچي جي متاثر هزارين ماڻهن جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سهائتا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. بي گهر ٿيل ماڻهن کي پنهنجي گهر قائم ڪري ڏيڻ لاءِ ڪو به رليف ملي نه سگهيو آهي. اڳواڻن اعلان ڪيو ته تعلقي ۽ ضلعي سطح تي اڄ کان مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close