سنڌ

هٿرادو ٻوڏ ذريعي سنڌ جا ويڙها ويران ڪيا ويا:صنعان قريشي

جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان قريشي چيو آھي ته ھٿرادو ٻوڏ ذريعي سنڌ جا ويڙھا ويران ڪندڙن کي گھرجي ته سندن بحالي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پريس ڪلب ٺٽو ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جا متاثر جڏھن پنھنجا اجھا برباد ٿيڻ بعد ڪراچي پھتا ته اُتي به کين مختلف طريقن سان حراسان ڪيو ويو. سنڌي پنھنجي ڌرتي تي پناھگيرن واري زندگي گذاري رھيا آھن. ڌرتي ڌڻين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڌارين لاءِ راهه ھموار ڪئي پئي وڃي. پيپلز پارٽي سنڌين کي صرف ووٽ لاءِ استعمال ڪندي اقتدار حاصل ڪرڻ چاھي ٿي. ھن چيو ته ھي وقت مشڪلاتن جو آھي سڀني کي گڏجي متاثرن جي مدد ڪرڻ گھرجي. اسان وس آھر متاثرن سان گڏ رھندا اچون. طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button