سنڌ

سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي مان پوليس اهلڪار جو گولي لڳل لاش هٿ

سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو جي رهواسي پوليس اهلڪار جو گولي لڳل لاش هٿ آيو. ڄامشورو جي سياسي سماجي اڳواڻ امداد مگسي جي ڀاڻج پوليس اهلڪار وسيم مگسي جو لاش شورا ڳوٺ پويان ڪي بي فيڊر جي ڪپ تان هٿ آيو. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او اسد پرھياڙ ٻڌايو ته لاش جي پاسي مان پسٽل هٿ آيو آهي، شروعاتي جاچ موجب واقعو آپگهات لڳي رهيو آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته وسيم مگسي جي مامي امداد مگسي جو چوڻ آهي ته هن وقت اسان کي سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ٿيو آهي، پر هو خودڪشي نٿو ڪري سگهي. ٻئي طرف وسيم مگسي ٺٽي ضلعي ۾ پوليس ڪانسٽيبل جي نوڪري ڪندو هو، سندس جو گولي لڳل لاش شورا ڳوٺ ڀرسان ڪي بي فيڊر جي ڪپر تان هٿ آيو. وسيم مگسي اهڙو قدم کڻڻ کان ڪجهه منٽ اڳ پنهنجي ويجهي دوست اسير مگسي کي آخري مسئيج ڪيو ته آئون هاڻي زندهه رهڻ جي لائق ناهيان رهيو، تون ڪنهن کي به ٻڌائجان نه، شورا ڳوٺ پويان ڪراچي واهه جي پاسي ٻي امام بارگاهه وٽان کڻي وڃ. ٻئي طرف ڄامشورو پوليس موجب نوجوان کي هڪ گولي مٿي ۾ لڳل هئي ۽ جا وارداتن تان پسٽل به هٿ آيو آهي. فوتي نوجوان شادي شده ۽ کيس 5 ٻارڙن جنهن ۾ 3 ڇوڪرا ۽ 2 نياڻين جو اولاد آهي. نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم لا سول اسپتال حيدرآباد نيو ويو، جتان بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button