سنڌ

ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي سوين ايڪڙن تي بيٺل وڻن جي واڍي

ڏوڪري رائيس ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر جي آشيرواد سان سينٽر اندر سوين ايڪڙن تي بيٺل زرعي زمين تان قيمتي وڻن ۽ آفيس ۾ بيٺل پراڻن جي واڍي لاءِ اسٽيت آفيسر خانگي ٺيڪيدارن کي ڪروڙين رپين جا وڻ ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪري ڇڏيا. ڏوڪري ۾ وڏي تحقيقاتي اداري رائيس ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر محمد اشرف سومرو جي آشيرواد سان آفيس ۾ بيٺل نم، بيڊ مشق، ٽرالي سميت ڪيترائي قيمتي وڻ وڍرايا ويا، ذريعن مطابق ٻڌايو پيو وڃي ته رائيس ريسرچ سينٽر جي زرعي زمين سوين ايڪڙن تي بيٺل پراڻن وڻن جي واڍي لاءِ رائيس ريسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽر اشرف سومرو جي آشيرواد سان اسٽيت آفيسر سڌير پنهور خانگي ٺيڪيدار کي ڳجهه ڳوهه ۾ ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڏنا آهن، جنهن گذريل ڏينهن کان وٺي وڻن جي واڍي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو گذريل ڏينهن به جاري رهيو. ذريعن مطابق ته رائيس ريسرچ سينٽر جي اسٽيٽ آفيسر سڌير پنهور پاران آفيس ۾ بيٺل لکين رپين جا قيمتي وڻ وڍرائڻ کانپوءِ ڳجھه ڳوهه ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ذريعي ڀري وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊائريڪٽر اشرف سومرو ۽ اسٽيٽ آفيسر سڌير پنهور مبينا طور ڪرپشن لاءِ بنا اپرول جي وڻ وڍرايا آهن جنهن سان سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار جو ” سرسبز پاڪستان “وارو نعرو کوکلو بڻجي ويو آهي، هوڏانهن شهر جي ساڃاهه وندن رائيس ريسرچ سينٽر واري آفيس مان قيمتي وڻن جي واڍي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ ڊائريڪٽر اشرف سومرو ۽ اسٽيٽ آفيسر سڌير پنهور خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ هن معاملي جي جاچ انڪوائري ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button