سنڌ

وارهه جي معذور پورهيت جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

وارهه جي حمل محلي جي رهواسي معذور پورهيت ممتاز پتوجو بيساکين وسيلي عوامي پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته غريب ۽ سرڪاري مدد جا مستحق آھيون. تازو برساتن ۽ ٻوڏ چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي, وارڊ ڪائونسلر پاران ٻن هزار روپين جي راشن کان علاوه ڪا مدد نه ٿي سگهي آھي, ڪچا گهر جهري پيا آھن, بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾گهر واري جو شناختي ڪارڊ نمبر به بلاڪ ڪيو ويو آھي، بعد ۾ مون ٻيهر سروي ڪرائي ۽ هر ايندڙ قسط ۾ سينٽرن تي وڃي جاچ ڪندو اچان پيو پر هر ڀيري مايوسي ملي پئي. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته منهنجي اثاثن جي جاچ ڪري گهر واري سميت ٻين بند پيل ٻوڏ متاثر علائقن سان تعلق رکندڙ هزارين لکين مستحقين جا بلاڪ ڪيل ڪارڊ فوري بحال ڪري مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button