سنڌ

جونيئر ذوالفقار ڀٽو جي چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس سان ملاقات

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چانڊڪا اسپتال ۾ هفتو اڳ پيش آيل واقعي کان پوءِ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تنيو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ايم ايس جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي پيش آيل واقعي بابت تفصيلي آگاهي ڏني. ان تي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ايم ايس کي چيو ته واقعي تي ڏک پهتو آهي، ان لاءِ هن مسئلي کي ختم ڪرڻ گهرجي، عنايت عمراڻي اسان جي پارٽي جو اڳواڻ آهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي ۾ تمام گهڻي غربت آهي، آئون امن پسند ماڻهو آهيان ۽ لاڙڪاڻي ۾ امن هجڻ گهرجي. ان تي ايم ايس ڊاڪٽر گلزار احمد تنيو چيو ته توهان جيئن بهتر سمجهو، اسان حاضر آهيون، توهان پنهنجو ٽائيم ڏيو ته آئون توهان سان اچي ملاقات ڪري سمورن معاملن بابت آگاهي ڏيندس. واضح رهي ته هفتو اڳ چانڊڪا اسپتال ۾ عنايت عمراڻي جي نانگ ڪکيل ڀائيٽي پريسه عمراڻي مبينا طور علاج نه ملڻ سبب فوت ٿي هئي جنهن بعدِ مڇريل ماڻهن چانڊڪا اسپتال ۽ ايم ايس آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن بعد ڊاڪٽر جنيد سانڊاڻو ۽ سرڪار پاران عنايت عمراڻي ۽ سندس ڀائرن سميت 100 کان وڌيڪ جوابدارن مٿان سول لائين ٿاڻي تي دهشتگردي ۽ ٻين قلمن هيٺ ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرايا هئا جن ڪيسن ۾ عنايت عمراڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر مان ڪچي ضمانت ڪرائي ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button