سنڌ

لاڙڪاڻي جي ٽينٽ سٽي ۾ سول جج پهچڻ تي متاثرن جون دانهون

عدالتي حڪم تي فورٿ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ محمد سليم اعواڻ جي سربراهي ۾ جوڙيل سٽيزن ڪاميٽي شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ٽينٽ سٽي جو دورو ڪيو، جتي مختيارڪار کيس متاثرن کي ملندڙ کاڌ خوراڪ ۽ ٻين سهولتن بابت آگاهي ڏني. دوري دوران ٻوڏ ۽ برسات متاثرن سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ اڳيان شڪايتون ڪيون ته انتظاميا طرفان ٽينٽ سٽي ۾ اسان کي راشن ۽ ٽينٽ نه ملي سگهيا آهن. هتي فلاحي تنظيم طرفان ٽينٽ لڳايا ويا آهن اهي به ناڪافي آهن. متاثرن جو چوڻ هو ته هاڻي اسان جي علائقن مان پاڻي نڪري چڪو آهي اسان کي راشن ۽ ٽينٽ ڏنا وڃن ته جيئن اسان گهرن ڏانهن واپس وڃي سگهون ڇاڪاڻ ته سيارو اچڻ وارو آهي، ان سان اسان کي مشڪلاتون پيش اينديون. اهڙين شڪايتن تي سٽيزن ڪاميٽي جي سربراهه فورٿ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ مختيارڪار کي هدايت ڪئي ته جلد متاثرن کي راشن ۽ ٽينٽ ڏئي پنهنجي گهرن ڏانهن موڪليو وڃي ۽ اسڪولن ۾ ترسيل متاثرن کي به راشن ۽ ٽينٽ ڏئي گهر اماڻي تدريسي عمل جاري ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button