سنڌ

ڏوڪري ويجهو دادو ڪئنال مٿان ٺهيل پل جو هڪ حصو ڊهي پيو

ڏوڪري ويجهو بگي ڳوٺ وٽان دادو ڪئنال مٿان ٺهيل پل زبون بڻجي وئي، پل جو 50 فوٽ حصو ڊهي پٽ پئجي ويو، پل ڊهڻ سبب وڏي امڪاني حادثي جو خطرو وڌي ويو. موهن جو دڙو راڌڻ روڊ تي ڳوٺ بگي وٽان دادو ڪئنال تي اڏيل پل جو هڪ حصو ڊهي پٽ پئجي ويو، جنهن ڪري امڪاني طور ڪو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. دادو ڪئنال تي ٺهيل پل جو ڪنهن به انتظامي عملدار، توڙي چونڊيل نمائيندن ڪو نوٽيس ناهي ورتو، جنهن ڪري موهن جو دڙو کان باڊهه ۽ راڌڻ روٽ تي هلندڙ ٽريفڪ سخت متاثر ٿئي ٿي، جڏهن ته پل جي زبون حالي سبب ڪنهن وقت به ڪو وڏو حادثو پيش اچي سگهي ٿو. هوڏانهن ڳوٺاڻن فهد حسين ابڙو، محمد شريف ساريو، نادر حسين ڪوري ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جا ننڍڙا ٻار چوپايو مال چارڻ ويندا آهن هو ڪٿي ٽٽل پل وٽان ڪري نه پون ۽ هنن چيو ته ٽٽل پل وٽان حادثا روز جو معمول بڻيل آهن. هنن وڏي وزير مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته ٽٽل پل نئين تعمير ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن حادثن کان اسان بچي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button