سنڌ

قمبر واسي ڳوٺاڻن جو راشن ۽ خيما نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قمبر ضلعي جي ڳوٺ سانولو خان چانڊيو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ توڙي راشن ۽ خيما نه ملڻ خلاف متاثر ڳوٺاڻي ڀورل خان چانڊيو پاران پريس ڪلب باقراڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن ڀورل چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ڳوٺ جون ڪيتريون ئي جايون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن ۽ ڳوٺ جي چوڌاري پاڻي بيٺل آهي، فصل ٻڏي ويا آهن پر اڄ تائين ڪنهن به چونڊيل نمائندن سار نه لڌي، نه خيما ۽ نه ئي وري راشن مليو آهي. هنن ڊي سي قمبر ۽ ايم پي اي سردار خان چانڊيو کي اپيل ڪئي ته راشن ۽ خيما ڏئي ڳوٺ ۽ ٻنين مان پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ته جيئن ڪڻڪ جو فصل پوکي سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button