سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي سان واسطو رکندڙ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن تعليم کاتي ڏوڪري ۾ مبينا طور پرائمري استادن جون جايون لڪائڻ ۽ آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڊائريڪٽر ايجوڪيشن جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي صدام جوڻيجو، منصور علي منگي، محمد علي نوناري، ابراهيم بروهي، بشير جوڻيجو، احمد ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته ڊائريڪٽر ايجوڪيشن گلشير سومرو تعلقي ڏوڪري جي پرائمري ٽيچر جي 74 سيٽن کي گهٽ ڪري صرف 11 سيٽون ڄاڻايون آهن. اهي 11 سيٽون اپريل جون آهن، جنهن بعد استاد رٽائرڊ ۽ فوت ٿي چڪا جنهن بعد مجموعي سيٽن جو تعداد 74 آهي. هنن چيو ته هن وقت تعلقي ڏوڪري ۾ 350 کان وڌيڪ پاس اميدوار جن ۾ 150 فيميل اميدوار به آهن، اسان روزانو ڊائريڪٽر آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي چڪا آهيون پر افسوس جو ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي. هنن وڏي وزير، تعليم کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري تعليم کي اپيل ڪئي ته ڏوڪري تعلقي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جون اصل سيٽون ظاهر ڪري ميرٽ جي بنياد تي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button