سنڌ

ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پوليس جي ڪارروائي، 2 ڏوهاري گرفتار

ڪوٽڙي سائيٽ پوليس ڊڳي فارم واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري قبضي مان مختلف علائقن مان چوري ۽ ڦر ڪيل 5 موٽرسائيڪلون ۽ ٻن موٽرسائيڪلن جي چيچس ۽ انجڻيون هٿ ڪري ورتيون. ايس ايڇ او خيرمحمد ملاح جي اڳواڻي ۾ ڏوهارين جي اطلاع تي ڊڳي فارم واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٻن ڏوهارين خدابخش پٽ خوشحال کوسو ۽ رضا پٽ غلام حسين گرگيز چانڊيو کي گرفتار ڪري مختلف علائقن مان چوريون ۽ ڦر ٿيل 5 موٽرسائيڪلون هٿ ۽ ٻن انجڻيون ۽ چيچس هٿ ڪيا ويا سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سائيٽ ايس ايڇ او خيرمحمد ملاح ٻڌايو ته ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ جي خاص هدايت تي ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪندي بدنام ٻه ڏوهاري گرفتار ڪري پنج موٽرسائيڪلون هٿ ڪري ورتيون وڌيڪ جوابدار جي گرفتاري لا مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button