سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ريلوي جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ريلوي جي ننڊن ملازمن ٻن مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف ريلوي ٽريڪ تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ، ٽيڪم ۽ پاهوڙا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ملازمن خدا بخش نوحاڻي، محمد موسيٰ، شاڪر، آصف، حسين بخش جيهو، علي رضا نوحاڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ريلوي اختيارين ٻوڏ جهڙي آفت دوران 50 ڏينهن جون پگهارون جاري ناهن ڪيون، جڏهن ته ٻوڏ دوران اسان کي سنڌ جي مختلف علائقن جيڪب آباد، روهڙي، نوابشاهه سميت ٻين علائقن ۾ ڊيوٽيون ورتيون ويون، اداري جا آفيسر اسان کان 16 ڪلاڪ ڪم وٺي رهيا آهن، جڏهن ته ٽرين سروس بند هجڻ ڪري اسان اڌارا پئسا مائٽن ۽ دوستن کان وٺي پابندي سان ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهيون، اسان ٻچڙن سميت بي يارو مددگار بڻجي ويا آهيون، پر تنهن باوجود پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، جيڪا ناانصافي آهي. هنن وزيراعظم، ريلوي جي وفاقي وزير سميت ٻين عملدارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي رهيل پگهارون جاري ڪري گهرڀاتين سميت فاقاڪشي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button