سنڌ

لاڙڪاڻي ويجهو هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ نوجوان استاد زخمي

لاڙڪاڻي ويجهو ميرو خان روڊ تي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي مبينا فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ عثمان شاهھ جو رهواسي 40 ورهين جو استاد محمد عرس ولد عبدالڪريم جتوئي زخمي ٿي پيو، اطلاع تي حد جي ڪنگا ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي استاد کي کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو، جتي زخمي جو علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي زخمي استاد جي پٽ عارف جتوئي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو والد بئنڪ مان پگهار ڪڍرائي اسڪول طرف وڃي رهيو هو ته ميروخان روڊ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪيو آهي، جڏهن ته جوابدار واقعي واري جاءِ تي پنهنجي موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button