سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

فزڪس جو نوبيل انعام ٽن سائنسدان کي گڏيل طور ڏيڻ جو اعلان

اسٽاڪ هوم: سوئيڊن جي رائل اڪيڊمي آف سائنسز 2022ع لاءِ فزڪس جو نوبيل انعام ٽن سائنسدانن کي گڏيل طور ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. آسٽريا، آمريڪا ۽ فرانس جي سائنسدانن کي ڪوانٽم سائنس تي تحقيق لاءِ فزڪس جو نوبيل انعام ڏنو ويندو. فرانس سان واسطو رکندڙ ايلائن اسپيڪٽ، آمريڪا جي جان ڪلوزر ۽ آسٽريا جي انتون زيلينگر کي اهو اعزاز انڪري ڏنو ويو آهي ڇاڪاڻ ته سندن تحقيقي ڪم نئين نسل جي طاقتور ڪمپيوٽرز ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشنز سسٽمز جي تياري جو رستو کوليو جن جي جاسوسي ناممڪن آهي. ٽنهي سائنسدانن ڪوانٽم سائنس جي حوالي سان اهڙا تجربا ڪيا جيڪي ان شعبي کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيندا. سندن تحقيقي ڪم جو نتيجي ۾ ڪوانٽم انفارميشن تي ٻڌل نئين ٽيڪنالاجيز جي تياري وارو عمل پڻ ممڪن بڻيو. فزڪس بابت نوبيل ڪميٽي موجب ڪوانٽم انفارميشن سائنس تمام گهڻو تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي ۽ جنهن انفارميشن جي محفوظ منتقلي، ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ ٻين شعبن تي نمايان اثر پوندا. 75 ورهين جي ايلائن اسپيڪٽ يونيورسٽي آف پئرس سيڪلي سان سلهاڙيل آهي، 79 سالا جان ڪلوزر ڪيليفورنيا ۾ پنهنجي ڪمپني هلائي ٿو جڏهن ته 77 سالن جو انتون زيلينگر آسٽريا جي ويانا يونيورسٽي لاءِ ڪم ڪري ٿو. نوبيل انعام سان گڏ ملندڙ رقم پڻ ٽنهي سائنسدانن برابري جي بنياد تي ۾ ورهائي ويندي. ان کان اڳ ٽي آڪٽوبر تي نوبيل ڪمپني انساني ارتقا لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سوئيڊن جي سوانتي پابو کي طب جي شعبي ۾ نوبيل انعام ڏيڻ ڪو اعلان ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button