پاڪستان

خيبرپختونخوا ۾ پاڪ فوج جي ڪارروائي، 7 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

راولپنڊي: خيبر پختونخوا ۾ پاڪ فوج جي ڪارروائين ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته دهشتگردن جي حملي ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا آهن. رپورٽ مطابق خيبر پختونخوا جي علائقي ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، انهن وٽان هٿيار، گولا ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽانڪ ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي پاڪ فوج ڪارروائي ڪئي جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. ٻي ڪارروائي ۾ لڪي مروت جي علائقي حسن خيل ۾ دهشتگردن پاڪ فوج جي جٿي تي حملو ڪيو جنهن جي نيتجي ۾ پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق شهيد اهلڪارن ۾ جعفرآباد سان تعلق رکندڙ محمد پناهه ۽ ڏکڻ وزيرستان سان تعلق رکندڙ 36 ورهين جو فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو سپاهي شمس الله شامل آهن. مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن ۽ سمورا دهشتگرد سنگين ڏوهن ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button