پاڪستانپنجاب

نواز شريف جي واپسي جو رستو صاف آهي، هو جلد ڏيهه ورندو: مريم نواز

لاهور: ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف جي واپسيءَ جو رستو صاف آهي، الله ڪري هو مون سان گڏ پاڪستان واپس اچي وڃي، اڄ مون کي پاسپورٽ ملي ويو آهي، مان تمام جلد لنڊن وڃي رهي آهيان. هاڻ عدالت ۾ رڳو هڪ درخواست ڏيڻي آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته 3 سال اڳ جنهن ريفرنس جي آڙ ۾ منهنجو پاسپورٽ ۽ 7 ڪروڙ رپيا ضمانت رکرائي وئي، اهو ڪيس هاڻ به نه ٺهيو، مون کي خوشي آهي ته پاسپورٽ واپس ملي ويو، سوال اٿي ٿو ته مون کي 3 سال منهنجي حق کان محروم ڇو رکيو ويو؟ هن چيو ته پاناما ڪيس 2016 ۾ ٺهيو هو، 6 سال هڪ ڪوڙو ڪيس ٺهيو، پاناما ۾ به مون کي بريت ملي پر 6 سال ڪيس ڀوڳڻو پيو، سوال اهو آهي ته 6 سال اڳ اهو ڪيس ٺهيو ڇو؟ 6 سالن تائين اهي نواز شريف جي ملڪيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، سڄي راند عمران خان کي چونڊون کٽرائڻ لاءِ کيڏي وئي. سندس چوڻ هو ته مان تمام جلد لنڊن وڃي رهي آهيان، نواز شريف جي واپسيءَ جو رستو صاف آهي، هاڻ عدالت ۾ رڳو هڪ درخواست ڏيڻي آهي، نواز شريف جلد واپس ايندو، وقت جو فيصلو هو پاڻ ڪندو. مريم نواز چيو ته ايوان صدر ۾ ڳجهيون ملاقاتون ڪندڙ عمران خان اين آر او گهري رهيو آهي ۽ نه ملڻ تي گوڙ ٿو ڪري، عمران خان عورت جج کي به للڪاريو ته اسان توهان کي نه ڇڏينداسين، جسٽس اطهر من الله وڏي دل جو مظاهرو ڪندي کيس معاف ڪيو، عدليا کي ادب سان چوان ٿي ته اهڙي شخص کي معاف ناهي ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button