پاڪستانخيبرپختونخوا

عمران خان آزادي مارچ ۾ شرڪت لاءِ اڳواڻن ۽ عهديدارن کان حلف وٺي ڇڏيو

پشاور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنهنجي نگراني هيٺ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ عهديدارن کان آزادي مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ۽ ڪاميابي لاءِ حلف کڻائي ورتو آهي. رپورٽ مطابق عمران خان جي پشاور ۾ پارٽي جي صوبائي قيادت ۽ ضلعي ۽ تعلقي عهديدارن سان ملاقات ٿي. خيبرپختونخوا جي اڳوڻي گورنر شاهه فرمان پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان حلف ورتو. عمران خان کانسواءِ وڏي وزير محمود خان، پرويز خٽڪ ۽ علي امين گنڊاپور به حلف کنيو. حلف جي متن ۾ چيو ويو آهي ته “اسان الله کي حاضر ناطر سمجهي چئون ٿا ته ملڪ جي خودمختياري لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائبو ۽ اسان حقيقي آزادي تحريڪ کي جهاد سمجهي ان ۾ حصو وٺنداسين.” بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳواڻن، عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هر وقت تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪنهن به وقت حقيقي آزادي جمهوري مارچ لاءِ حتمي ڪال ڏئي سگهي ٿو، اڄ پاڪستاني قوم لاءِ ٽرننگ پوائنٽ آهي، قوم کي پنهنجي مستقبل لاءِ نڪرڻو پوندو، سڀني کي حقيقي آزادي تحريڪ ۾ جهاد سمجهي حصو وٺڻو پوندو. عمران خان چيو ته هن وقت ملڪ تي چور مڙهيل آهن جيڪي گذريل 30 سالن کان ڦرلٽ ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي به نااهلن جو اهو ٽولو حڪومت ۾ رڳو پنهنجي خلاف ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرڻ آيو آهي. هن واضح ڪيو ته هن جي ڪنهن سان ذاتي ويڙهه ناهي پر قوم جي مستقبل لاءِ اٿي بيٺو آهي، هن ڪرپٽ ٽولي ماضي ۾ اين آر او وٺي پنهنجون چوريون معاف ڪرايون ۽ رڳو 10 سالن ۾ قرض ۾ چئوڻ تي اضافو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button