سنڌ

آصف زرداري جي معائني لا پرڏيهي ڊاڪٽرن جي ٽيم پهچي وئي

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري طبيعت ۾ خرابي سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ذريعن موجب دبئي کان آيل ڊاڪٽرن جي ٽيم آصف علي زرداري جو معائنو ڪيو، اها ٽيم ڇاتي جي مرضن جي ماهرن تي ٻڌل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي ڊاڪٽرن سڃاڻپ ۽ علاج تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته في الحال کيس ٻاهرئين ملڪ مان علاج ڪرائڻ جي ضرورت ناهي. ذريعن موجب دبئي مان ايندڙ ڊاڪٽرن طرفان معائني وقت آصفه ڀٽو زرداري به موجود هئي، جڏهن ته آصف زرداري جون اڄ به ڪجهه ٽيسٽون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button