سنڌ

ڪراچي مان کنڀيل نوجوان جي وارثن جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻي جي ذوالفقار باغ واري علائقي جي رهواسي عورتن ٻارن سان گڏجي پاڪ ڪتاب کڻي ڪراچي مان مبينا کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شگر جي مرض ۾ مبتلا پيرسن بيواھه عورت هير خاتون بليدي، رحمت خاتون، نظيران خاتون، مختيار، حسنين بليدي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجا 2 پٽ درزڪو ڪم ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندا آهن. هن چيو ته 20 ورهين جو پٽ مجاهد علي بليدي سال کان وٺي ڪراچيءَ جي جوهر اسڪوائر واري علائقي ۾ درزڪو ڪم ڪندو آهي جيڪو گذريل ڏينهن جوهر اسڪوائر مان دڪان تان کنڀجي ويو. اهڙي واقعي بابت دڪاندارن اسان کي فون ڪري ٻڌايو جنهن بعد گهر ۾ ڪهرام متل آهي. هن چيو ته پٽ مجاهد علي بليدي جو ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو ناهي ۽ نه ئي مٿس ڪو ڪيس داخل آهي جنهن کي بيگناهه کنڀي گم ڪري وڏي ناانصافي آهي. هن چيف جسٽس، آرمي چيف کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي پريشاني ختم ڪرائي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button