سنڌ

سنڌي موسيقي تي ٿرپارڪر راڄ ڪري ٿو:امير آزاد پنهور

ڏيپلو ۾ سنڌ جي نامياري راڳي استاد رجب فقير سان سرهي سانجهھ ملهائي وئي. استاد رجب فقير جي ڪافي مهينن کان بيماري بعد صحتيابي ۽ بهترين راڳي وارو شاهه لطيف ڀٽائي جو ايوارڊ ملڻ جي خوشي ۾ لال آباد ڏيپلو ۾ باشعور سنگت پاران رچايل رهاڻ ۾ سنڌ جي قومي اڳواڻن، فنڪارن، شاعرن ۽ موسيقي جي مداحن شرڪت ڪئي. تقريب کي قومپرست اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي خطاب ڪندي چيو ته رجب فقير سنڌي موسيقي جو چمڪندڙ ستارو آھي، جنهن جي آواز ۾ ڌرتي جي دانهن آھي. رجب فقير سنڌي موسيقي جي بي لوث خدمت ڪئي آھي، سندس موسيقي جي ميدان ۾ پورهيو ڪڏهن به رائگان نه ويندو. قومپرست اڳواڻ امير آزاد پنهور چيو ته هاڻوڪي دور ۾ سنڌي موسيقي تي ٿر راڄ ڪري ٿو، جنهن ۾ استاد رجب فقير جهڙن ٿري فنڪارن جون محنتون ۽ ڪاوشون شامل آھن. هن چيو ته رجب فقير سنڌي موسيقي جي مٿي جو جهومر آھي. ليکڪ ۽ اديب سڪيلڌو راهمون چيو ته ٿر هر دور ۾ وڏن ڪردارن کي جنم ڏنو آھي، رجب فقير اهڙن ڪردارن مان هڪ آھي. هن چيو ته رجب فقير سنڌي موسيقي جو اهڙو الستي آواز آھي جنهن کي سنڌ جو شعور سجدا ڪرڻ تي مجبور ٿئي ٿو. صحافي ۽ شاعر ممتاز نهڙيي چيو ته رجب فقير سنڌ جي شعور جو راڳي آھي جنهن نه رڳو پنهنجي ڏاڏي مراد فقير جي راڳ جي مليل ورثي واري تسلسل کي برقرار رکيو آھي پر هن اڪيڊمي کولي ڪيترن ئي نوجوان راڳين کي سکيا ڏيئي موسيقي جي خدمت ڪئي آھي. تقريب کي استاد رجب فقير خطاب ڪندي چيو ته دوستن جي محبتن ۽ مان مون کي وڌيڪ حوصلو ڏنو آھي. بيماري جي پيڙاهه مان گذري پار پيو آھيان. سڄي سنڌ جو ٿورائتو آھيان جن دعائون ڪيون، خاص طور انهن دوستن جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي علاج ۾ سهڪار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button