پاڪستانسنڌ

ڌاٻيجي ۾ قومي شاھراھه تي ناظم جوکيو جو لاش رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل

ٺٽو: عرب شڪارين جي سھولتڪارن ھٿان بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو جي قتل خلاف سياسي، سماجي تنظيمن ۽ وارثن احتجاجي ڌرڻو هنيو، روڊ بلاڪ، ٽريفڪ معطل، خبر موجب گذريل ڏينھن عرب شڪارين جي شڪار واري وڊيو وائرل ڪرڻ واري معاملي تان عرب شڪارين جي سھولتڪار سردارن ھٿان تشدد بعد بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ناظم جوکيو واري واقعي خلاف وارثن پاران نوجوان جو لاش ڌاٻيجي ۾ قومي شاھراھه تي رکي ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن جي ڪري ٺٽو-ڪراچي روڊ 12 ڪلاڪ بند ٿي ويو ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنھن جي ڪري روڊ جي ٻنھي پاسن کان ھزارين گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

جڏھن ته پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو، ايم پي اي رزاق راجا ۽ سليم بلوچ پھچي وارثن سان ڳالھيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو چيو پر وارثن ڳالھه نه مڃي. جڏھن ته ساجد جوکيو 3 ڪلاڪن بعد ٻيھر وارثن سان ڳالهيون ڪري وارثن کي راضي ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته نوجوانن سخت نعريبازي ڪري ڏني ۽ ساجد جوکيو مجبورن واپس وڃڻو پيو. مقتول نوجوان ناظم جوکيو جي وارثن جو چوڻ هو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاج جاري رهندو.

مقتول نوجوان جي وارثن الزام هنيو ته ناظم پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي مهمانن جي شڪار جي وڊيو وائرل ڪئي هئي، وڊيو منظر تي اچڻ کانپوءِ ناظم جوکيو کي ڄام اويس ملير ۾ پنهنجي گهر گهرائي وحشياڻي تشدد ۾ ماري ڇڏيو آهي، ٻئي طرف ملير پوليس جو چوڻ آهي ته ناظم جوکيو جي وارثن جي فرياد تي پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس گهرام، نياز سالار جوکيو، احمد شورو ۽ ٻن گرفتار گارڊن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته نوجوان ناظم جوکيو جي قتل کانپوءِ سندس رڪارڊ ڪيل 2 وڊيوز ۽ هڪ آڊيو ڪال سامهون آئي هئي، جنهن ۾ هن ڌمڪيون ملڻ جو ذڪر ڪيو هو ۽ چيو هو ته کيس ايم پي اي ڄام اويس گهرام ۽ ٻيا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. موت کان اڳ سندس وڪيل ڏانهن ڪيل آڊيو ڪال به سامهون آئي، جنهن ۾ هو ٻڌائي رهيو هو ته کيس ڄام بجار وارن گهرايو آهي ۽ کيس ڪجهه به ٿئي ته هنن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button