سنڌ

ڪراچي ۾ زخمي ڪيل سب انسپيڪٽر واقعي خلاف باقراڻي ۾ احتجاج

باقراڻي ۾ آل سنڌ ڪنڀر اتحاد پاران ڪراچي ۾ گوليون هڻي زخمي ڪيل سب انسپيڪٽر عبدالغني گلال واري واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف منير احمد ڪنڀر، پيرل ڪنڀر، رضوان ڪنڀر، گدا ڪنڀر، ببلو ڪنڀر، منور علي ڪنڀر، سينگار علي ۽ ٻين باقراڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڪجهه ڏينھن اڳ ڪراچي جي گلشن اقبال علائقي ۾ ڊيوٽي تي موجود سب انسپيڪٽر عبدالغني گلال کي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو، واقعي جو ڪيس گلشن ٿاڻي تي داخل هئڻ باوجود ڪراچي پوليس هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن. هنن چيو ته ڪراچي پوليس پنهنجي ساٿي پوليس عملدار جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي. هنن وزير اعلى، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين عملدارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي سب انسپيڪٽر عبدالغني گلال کي زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي متاثر پوليس عملدار سان انصاف ڪيو وڃي نه ته سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button