سنڌ

شاهه محمود قريشي جي عمرڪوٽ آمد،پارٽي اڳواڻن ۾ ڌڙابندي

پرڏيهي وزير شاهھ محمود قريشي عمرڪوٽ ۾ سامارو موڙ ويجهو خليفو عبدالستار سميجو جي چانھه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته عمرڪوٽ منهنجو ٻيو گهر آهي، آئون وک وک تي آجيان ڪندڙن سڀني چاهيندڙن جو شڪر گذار آهيان.

جڏهن ته وفاقي وزير جي آمد دوران عمرڪوٽ جي تحريڪ انصاف ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ وزير جو ڌار ڌار استقبال ڪيو ويو. تحريڪ انصاف جي ايم اين لال مالهي جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس سامهون ۽ ضلعي صدر دوست محمد ميمڻ ۽ جيلاني جماعت پاران سامارو موڙ وٽ استقبال ڪيو ويو.

ضلعي قيادت جي اختلافن سبب پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ تي ڪارڪنن ۾ مايوسي نظر آئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button