سنڌ

پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف مظاهرا

لاڙڪاڻي ۽ موري ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو پاران مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي تي ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ شهيد ڀٽو جي اڳواڻ علي رضا پليپوٽو، اسلم شاهه، دلمراد جتوئي، محمد علي عمراڻي، منير احمد بروهي، برڪت علي ميرجت، عيدن جتوئي، جاويد حاجاڻو، رحمان پتوجو، برڪت علي ميراڻي، جاويد لاهوري، احسان مري، لالو سرهيو، انعام ناريجو، دامن عمراڻي، شهباز ڀٽو، جاويد چانڊيو، مسلم سهڙو ۽ ٻين ڪينيڊي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪمشنر آفيس اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ٻئي طرف مورو ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن حاجي خان سمون، امير بخش سيال، لالڻ چانڊيو، اعجاز مورائي، غلام اصغر بلوچ، مدد چانڊيو ۽ ٻين شهيد ڀٽو جي اڳواڻ عنايت عمراڻي جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته هي ڪٿان جو انصاف آهي ته ڊاڪٽر جي غفلت ڪري نياڻي به عنايت علي عمراڻي جي قتل ٿي ۽ ويتر دهشتگردي قلم هيٺ عنايت عمراڻي ۽ ان جي خاندان توڙي ٻين پارٽي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. هنن چيو ته عنايت عمراڻي کي بيگناهه گرفتار ڪرڻ ۽ سندس ڀائيٽي جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ حڪمرانن کي مهانگو پوندو، ان لاءِ پي پي پي شهيد ڀٽو سڄي سنڌ اندر احتجاج جاري رکندي جيڪا حڪمرانن جي هٽائڻ تائين جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button