ايس ايس پي حيدرآباد ۾ گذريل رات قتل ڪيل ٻارڙي جي جوابدارن تائين پهچڻ جي دعوى ڪئي آهي. ايس ايس پي حيدرآباد قتل جي جاچ لا 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ايس ايس پي واردات واري جا جو معائنو پڻ ڪيو. خبر موجب حيدرآباد ۾ گذريل رات دير سان مارڪيٽ ٿاڻي جي حد هيرآباد مان 7 سال جي ٻارڙي زاله فاطمه جو پلازه جي ڇت تان لاش مليو هو. پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو. مڙهه گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ٻارڙي جي قتل واقعي بعد ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ پوليس ٽيم سان گڏجي پلازه جي ڇت تي قتل واري هنڌ جو معائنو ڪري ڪرائيم سين جو جائزو ورتو، جنهن بعد ايس ايس پي امجد شيخ ٻِارڙي جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي. ايس ايس پي حيدرآباد امجد شيخ چيو ته پوليس ٻارڙي زاله فاطمه جي قاتلن تائين پهچي چڪي آهي. ٻارڙي جو منهن ۽ ساهه بند ڪري کيس قتل ڪيو ويو. شڪي ماڻهن کان جاچ ڪريون پيا. هن چيو ته ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي تصديق نه ٿي آهي. ٻارڙي سان زيادتي جي نيت ٿي سگهي آهي پر زيادتي جون شاهديون نه مليون آهن. وارث ٿاڻي تي اچن ته قتل ڪيس داخل ڪيو ويندو. ٻئي طرف پوليس پلازه ۾ رهندڙ ماڻهن کان پڻ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻارڙي جي قتل واقعي جي جاچ لا ايس ايس پي حيدرآباد طرفان اي ايس پي هيڊ ڪواٽر انيل حيدر جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. جنهن کي ايس ايس پي شفاف جاچ جو حڪم ڏنو آهي. ڪميٽي ۾ اي ايس پي انيل حيدر، اي ايس پي ڪينٽ علينه راڄپر، ڊي ايس پي مارڪيٽ رسول بخش سيال، ايس ايڇ او مارڪيٽ محمد خان برهماڻي، ايس ايڇ او سٽي عمران رشيد شيخ، ايس ايڇ او پنڃاري عبدالڪريم عباسي کي شامل ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close