سنڌ

حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ لا ٽرائيل سفر جو آغاز

صوبائي وزير اطلاعات اينڊ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ پاران حيدرآباد ۾ انٽرا سٽي پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ واري اعلان تي عملدرآمد ڪرڻ لا ضلعي انتظاميا متحرڪ ٿي وئي، جنهن تحت ڪالهه هڪ پيپلز بس ٽرائيل لا حيدرآباد پهچي وئي. خبر موجب صوبائي وزير جي اعلان تي عملدرآمد لا ٽرانسپورٽ کاتي ۽ ضلعي انتظاميا سرگرميون شروع ڪندي حيدرآباد ۾ هڪ پيپلز بس سروس آڻي ٽرائيل سفر جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، ٽرائيل سفر دوران ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو، ايس ايس پي ٽريفڪ مختيار سولنگي، سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي حيدرآباد پرويز احمد قريشي ۽ ٻيا عملدار بس ۾ موجود هئا، ٽرائيل سفر جي شروعات ٿڌي سڙڪ تي واقع ٽرانسپورٽ بس ٽرمينل کان شروع ٿيو، جيڪو ٿڌي سڙڪ کان حيدر چوڪ، جتان واپس ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي گدو چوڪ، ٽيڪنيڪل ڪاليج روڊ کان ٿيندي هوش محمد شيدي فلائي اوور، ريس ڪورس روڊ کان ٿيندي قاسم چوڪ، هالانا روڊ وٽ تعمير ٿيندڙ شهيد بينظير ڀٽو فلائي اوور کان ٽرن ڪري واپس ان ئي روٽ کان ٽرمينل ٿڌي سڙڪ پهتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button