سنڌ

ڪراچي ۾ 2 نوجوانن جي قتل خلاف ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪراچي مڇر ڪالوني ۾ ٻن نوجوانن انجنيئر ايمن جاويد سعيد ۽ اسحاق پنھور کي اغوا ڪار ڄاڻائي بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف ٽئين ڏينهن به قومي عوامي تحريڪ، ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي سميت مختلف سياسي، قومپرست ۽ سماجي تنظيمن جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ۽ ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ، پورهيت مزاحمت ۽ ملڪ ويلفيئر ايسوسيئيشن جي ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، الطاف خاصخيلي، ڪامريڊ نثار لغاري، گلزار ملڪ، غلام مصطفيٰ ملڪ ۽ ٻين ڌار ڌار ريليون ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرا ڪيا. قاسم آباد ۾ عوامي تحريڪ مشعل بردار ريلي ڪڍي، جنهن جي اڳواڻي نور احمد ڪاتيار، راحيل ڀٽو، سرمد راڄپر ۽ ٻين ڪئي. ڪوٽڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي شبير ساند، مقصود جهتيال، ۽ ٻين ريلي ڪڍي. ميھڙ ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ايڊووڪيٽ منور جتوئي ۽ فياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ميھڙ ڪورٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ڊگھڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي شوڪت نوحاڻي، انور نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. نندو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي محمد حسين درس، سليم ملاح ۽ ٻين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. خيرپور ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ جساف سوڪ سينٽر کان ريلي ڪڍي خيرپور پريس ڪلب اڳيان يارو خان مهيسر، ڪميل ابڙو، مولا بخش ڦلپوٽو، ايڊووڪيٽ سيف الله سولنگي، عبدالڪريم بلوچ، سينگار حاجاڻو، منير احمد چانگ ۽ ٻين مظاھرو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button