سنڌ

موهن جو دڙو ويجهو پوليس جي ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى

موهن جو دڙو ويجهو يونيورسٽي پوليس ڪارروائي ڪندي مختلف ڪيسن ۾ گهربل ٻن جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي. جوابدار جبار جتوئي ۽ جوابدار منٺار سنديلو کي پوليس آريجا با پاس وٽان چيڪنگ دوران گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ٻنهي جوابدارن مٿان مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل هئا. هوڏانهن ايس ايڇ او يونيورسٽي گلزار علي ٻُرڙُو ڳالهائيندي چيو ته اسان آريجا با پاس وٽان چيڪنگ دوران جوابدار منٺار سنديلو ۽ جوابدار جبار جتوئي کي گرفتار ڪيو آهي. ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button