پاڪستانسنڌ

شهناز انصاري قتل ڪيس، هڪ جوابدار کي جنم ٽيپ،ماتم

نوشهروفيروز: پ پ ايم پي اي شھناز انصاري قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي عمر قيد جي سزا، مک جوابدار ڄاڻايل سلميٰ کوکر ۽ ٻيا بري، نياڻين جون عدالت ٻاهران انصاف نه ٿيڻ جون دانهون، ماحول سوڳوار. رپورٽ موجب اڍائي سال اڳ دريا خان مري جي ڳوٺ مراد کوکر ۾ گهر ۾ مجلس دوران گوليون هڻي قتل ڪيل پ پ ايم پي اي شهناز انصاري جي ڪيس جو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. نوشهروفيروز جي عدالت قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار وقار کوکر کي 25 سال قيد ۽ 10 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. جڏھن ته مک جوابدار سلميٰ کوکر، اختر کوکر ۽ صديق کوکر کي ثبوت نه هئڻ تي باعزت بري ڪيو ويو. اهڙي فيصلي کان پو مقتولا ايم پي اي شهناز انصاري جي ڌي فاطمه انصاري ۽ سندس ٻيا وارث عدالت ٻاهران لڙڪ لاڙيندي انصاف نه ٿيڻ جون دانهون ڪندا رهيا. جڏهن ته ايم پي اي جي ڌي جي ماتم سبب ماحول سوڳوار ٿي ويو. ٻئي طرف پ پ ليڊيز ونگ ضلعي جي صدر فاطما انصاري پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن کان پو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پنھنجي حڪومت ۾ اسان سان انصاف نه ٿيو آهي، منهنجي امڙ پ پ ضلعي نوشهروفيروز جي ليڊيز ونگ جي صدر هجڻ سان گڏ پ پ جي ايم پي اي هئي، جنهن کي اسان اڳيان جوابدارن سرعام گوليون هڻي قتل ڪيو پر سنڌ حڪومت اسان جو ساٿ نه ڏنو، وڏي وزير ۽ صوبائي وزيرن سميت ڪنھن به ايم پي اي يا ايم اين اي سار نه لڌي، مون پارٽي قيادت آڏو دانهون ڪيون، پر ڪنهن به اسان جي دانهن نه ٻڌي، جڏھن پارٽي سار نه ٿي لھي ته پوءِ عھدن تي رھڻ جو ڪھڙو فائدو، ان ڪري استعيفيٰ ڏيان ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جوابدارن اسان جي اکين اڳيان ما کي گوليون هڻي وارن کان گهليندا رهيا ۽ عدالت انهن جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو در کڙڪايو ويندو. ٻئي طرف قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو ڊاڪٽر فاطم انصاري سان رابطو ڪري عدالتي فيصلي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مان توھان سان گڏ آھيان، افسوس پ پ حڪومت ايم پي اي جو تحفظ نه ڪري سگھي. ياد رهي ته پ پ ايم پي اي شهناز انصاري کي 15 فيبوروي 2020ع تي جوابدارن پنهنجي ڀيڻ شبانا جي مڙس ڊاڪٽر زاهد کوکر جي چاليهي جي موقعي تي پنهنجي ٻارن اڳيان گوليون هڻي قتل ڪيو هو، ڪيس اڍائي سال کان مٿي ڪورٽن ۾ هلندو رهيو. جڏهن ته ماڊل ڪورٽ پهرين محفوظ ڪيل فيصلو 27 آڪٽوبر تي نه ٻڌائي وري 3 نومبر جي تاريخ طئي ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button