زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

کنڊ جو معاملو صوبائي آهي،سنڌ حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو:ناڻي وزارت

ڪراچي (م ڊ)ناڻي واري وزارت جَي ترجمان مزمل اسلم چيو آهي ته کنڊ ڪهڙي به آهي عوام کي 90 رپيا في ڪلو ته ملي رهي آهي. حڪومت وٽ کنڊ جو 22 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي. ڪالهه ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو ته وفاقي حڪومت بهترين منصوبابندي سان کنڊ گهرائي، حڪومت وٽ هن وقت هڪ لک ٽن کان وڌيڪ کنڊ ذخيرو آهي. ترجمان چيو ته پنجاب ۾ 15 نومبر کان شگر ملز پيڙائي شروع ڪنديون. سنڌ ۾ اڃا تائين شگر ملز چمنيون ناهن ٻاريون، سنڌ حڪومت نه پاڻ ڪارخانا کولرائي ٿي نه وفاقي حڪومت کان مدد گهري ٿي. هُن چيو ته کنڊ جو معاملو صوبائي آهي، سنڌ حڪومت کنڊ جي قيمت تي ضابطي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو. جڏهن ته پنجاب ۾ کنڊ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي. پنجاب يوٽيلٽي اسٽورن لاءِ کنڊ 85 روپين تي جاري ڪئي، پنجاب جي سستي بازارن ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت 90 روپيا آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button