اسلام آبادپاڪستان

پي ڊي ايم جو ڊسمبر ۾ حڪومت خلاف لاهور کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم)ڊسمبر ۾ حڪومت خلاف لاهور کان اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ويڊيو لنڪ تي ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ وڌندڙ مهانگائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهد خاقان طرفان جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ سمورين پارٽين جي قيادت شرڪت ڪئي، مشاورت کانپوءِ پي ڊي ايم ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ حڪومت خلاف لانگ مارچ جو اصولي فيصلو ڪندي چيو آهي ته لانگ مارچ کان اڳ چئني صوبن ۾ مهانگائي خلاف “مهانگائي مارچ” ٿيندا. اجلاس دوران ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومت مخالف تحريڪ تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مهانگائي خلاف صوبن ۾ مارچ ڪيو ويندو ۽ اُن مارچ کي ختم ڪري لانگ مارچ جِي شروعات ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ 13 نومبر تي ڪراچي، 17 نومبر تي ڪوئيٽا ۽ 20 نومبر تي پشاور مهانگائي خلاف مارچ ڪيو ويندو. پارليامينٽ ۾ نيب ترميمي آرڊيننس جِي منظوري روڪڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جِي پي ڊي ايم ۾ واپسي تي به غور ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ مهانگائي کي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت طرفان وڌايل اگهن کي رد ڪيو ويو. پارٽين مطالبو ڪيو ته عام واهپي جي شين سميت پيٽروليم تي وڌايل اگهه واپس وٺي عوام کي رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button