پاڪستانسنڌ

اسان وٽ ٽيلنٽ جي ڪابه کوٽ ناهي:چيف جسٽس احمد علي شيخ

ٽنڊوالهيار: چيف جسٽس سنڌ ها ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ هڪ ڏينهن جي دوري تي ٽنڊوالهيار بار پهتو، چيف جسٽس جي ٽنڊوالهيار ڪورٽ پهچڻ تي سيشن جج امبرين اسلم، سول جج هاشم نوتڪاڻي ۽ علي بخش ٿيٻو سندس آجيان ڪئي. ايس ايس پي رخسار کهاوڙ طرفان سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. آجياڻي ۾ بار ڪائونسل ۾ خطاب ڪندي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته ٽنڊوالهيار سميت 4 ضلعن لا 15 ڏينهن اندر ڊجيٽل لائبريري ٺاهي ويندي، جن ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص، ٽنڊومحمد خان ۽ شهدادڪوٽ شامل آهن. هن چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته اسان وٽ ٽيلنٽ جي ڪابه کوٽ نه آهي، درسي تدريسي سکڻ جو عمل جاري رکڻ گهرجي، تنهن ڪري ينگ جرنيشن لا ڊجيٽل ۽ نئين ٽيڪنالوجي جي رسائي لازمي آهي، ٽنڊوالهيار جي ڪجهه نوجوانن رٽين ٽيسٽ ۾ ڪواليفائي ڪيو، جيتريون اسان وٽ سيٽون هيون، انهي حساب سان اسان تقريبن 13 هزار اميدوار کنيا، پر اسان پاڻ پريشان ٿي وياسين، ڇو جو هڪ کان هڪ نوجوان ٽيسٽ ۾ بيسٽ هئا، اسان اهو به ڏٺو ته جن سينيئر ڪمپرهينس انگلينڊ مان ڪئي ته ڪن بار مان ڪئي، جن هتان ايل ايل بي ڪئي، انهن ۾ هڪ مورو جو نوجوان هو، جيڪو هڪ ڪارپينٽر جو پٽ هو، پر ڪواليفائي نه ڪري سگهيو، اسان وٽ ٽيلينٽ موجود آهي، گهڻا نوجوان غريبن جا هوندا آهن، جيڪي سخت محنت ڪري ڪاميابي ماڻيندا آهن، هڪ مهيني اندر ٽيسٽ ٿيندي، نوجوان پنهنجي قسمت آزمائين. ان موقعي تي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ، جسٽس عدنان اقبال چوڌري، سنڌ ها ڪورٽ جو جج امجد سهتو، ڊسٽرڪٽ بار ٽنڊوالهيار جو صدر اغيث السلام، جنرل سيڪريٽري منير لغاري ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button