اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ناياب نسل جي جانورن جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ناياب نسل جي جانورن جي درآمد تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله جانورن جي امپورٽ بابت ڪيس جي شنوائي ڪندي تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ايف بي آر يقيني بڻائي ته ايندڙ شنوائي تائين ايڪٽ 2012 جي ابتڙ ڪي جانور درآمد نه ڪيا وڃن. حڪم نامي موجب جانورن کي رڳو انسانن جي تفريح لاءِ قدرتي ماحول کان محروم ڪرڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي. زمين تي انساني بقا جانورن جي بقا ۽ ان جي قدرتي ماحول کي محفوظ رکڻ سان مشروط آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ سان جانورن کي تڪليف مان گذرڻو پوندو آهي، جيڪو هڪ گرفتاري جوڳو ڏوهه آهي. حڪم نامي موجب ڊپٽي ڊائريڪٽر وائلڊ لائف انڪار نه ڪيو ته ناياب جانور ماضي ۾ شهري درآمد ڪندا رهيا آهن. عدالت موسمياتي تبديلي بابت وزارت ۽ ايف بي آر چيئرمين کان امپورٽ پاليسي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي. موسمياتي تبديلي بابت وزارت کان ايڪٽ 2012 تحت قائم مئنيجمينٽ ۽ سائنٽيفڪ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن به طلب ڪيا ويا آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن اهي اٿارٽيز اڃا تائين قائم ناهن ڪيون ويون ته 30 ڏينهن اندر قائم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button