پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ تحريڪ انصاف جا ڪيترائي ڪارڪن پ پ ۾ شامل

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ تحريڪ انصاف جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن پ پ ۾ شامل ٿي ويا. خبر موجب پ پ حيدرآباد جي ضلعي صدر صغير قريشي ۽ حيدرآباد سٽي جي اڳواڻ پاشا قاضي جي صدارت ۾ قريشي هائوس تي گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ليبر ونگ جي جنرل سيڪريٽري سليم راجپوت جي اڳواڻي ۾ ليبر. لائيرز ۽ ليڊيز ونگ جي اڳواڻن سميت سٽي جي ڪيترن ئي ڪارڪنن پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي صغير قريشي ۽ پاشا قاضي خطاب ڪندي چيو ته پ پ ۾ شامل ٿيندڙ دوستن جي آجيان ڪريون ٿا، پ پ جو هر جيالو پارٽي جو اثاثو آهي. هنن چيو ته عمران خان پئٽرول جا اگهه آسمان تي پهچائي عوام جو رت چوسي رهيو آهي، هاڻ سياري ۾ وفاقي حڪومت سنڌ اندر گئس جو به هٿرادو بحران ڪندي، غريبن کي رليف ڏيڻ بدران سرڪار وري بجلي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، عوام هن سرڪار مان بيزار ٿي چڪو آهي، پ پ جلد عمران سرڪار کي گهر موڪليندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button