ميرپور بٺورو ۾ منشيات جي آزار خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اڇي موري کان ريلي ڪڍي ڊي ايس پي بٺورو جي آفيس سامهون حيدرآباد- سجاول روڊ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ريلي ۾ ايس ايس پي سجاول هٽايو – ضلعو بچايو، ڊي ايس پي بٺورو هٽايو -تعلقو بچايو جهڙا زوردار نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي رشيد آزاد، آڪاش زئور، عبدالغني ملاح، نواز خان زئور، اسلم خيرپوري، ڏاڏا اسماعيل شورو، بينظير آڪاش، پروين سنڌو سومرو، صوبيا ملاح ۽ اڳواڻن چيو ته سجاول جي خصوصن تعلقي ميرپور بٺورو ۾ منشيات جو وڏي پئماني تي وڪرو جاري آهي، جنهن جي سرپرستي ايس ايس پي سجاول ڪري رهيو آهي. سڀني ٿاڻن تان لکين روپيا منٿليون اڳاڙي رهيو آهي. هوڏانهن نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي. تعلقي ۾ رٽا سومرو، بٺورو، محمودا واهه،دڙو، جھوڪ سميت ننڍن وڏن شهرن تي ھيروئن، آئيس، زهريلو گٽڪو، ڪچي شراب سميت هر منشيات عام ٿي وئي آهي، جنهنڪري بدامني ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي. چوريون ڦرون عام ٿي ويون آهن. منشيات، جوا، جي ڪري ڪيترائي گهر اجڙي ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close