سنڌ

اسپين جي وفد جو سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي جو دورو

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي اسپين جو وفد دورو ڪيو. خبر موجب پرڏيهي وفد راجر جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديم ماڳ موهن جي دڙي جو دورو ڪيو. اسپين جي پرڏيهي وفد کي موهن جي دڙي تي مقرر گائيڊ جاويد شيخ بريفنگ ڏني. جڏھن ته پرڏيهي وفد جو موهن جي دڙو جي مختلف ايرياز ڊي ڪي ايريا، ايڇ آر، اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا. ان موقعي تي اسپين جي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ راجر جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي، هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن، ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته هتان جي ماڻهن هزارين سال اڳ به وڏي جوڙجڪ سان وڏا ڪشادا گهر ٺاهيا هئا. آثار ڏسي عقل دنگ رهجي وڃي ٿو، هن جو چوڻ هو ته سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آهن، هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. پرڏيهي وفد جي سيڪيورٽي تمام سخت ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button