سنڌ

مٽياري ۾ سماجي تنظيم جو منشيات جي وڪري خلاف مظاهرو

مٽياري ۾ هيومن رائيٽس جسٽس ڊفينڊر آرگنائيزيشن منشيات جي وڪري خلاف بس اسٽاپ تي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي تاج حيدر درس، آفتاب چنڊ، شاهزيب لغاري، ذيشان ٻارچ ۽ چيو ته مٽياري ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ سرعام منشيات وڪرو ٿي رهي آھي. معصوم ٻار نشي جا عادي ٿي ويا آھن. پوليس منٿلي عيوض اکين ته ڪاريون پٽيون ٻڌي ڇڏيون آھن، جنهن کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. منشيات فروش ڊيلرن خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. منشيات جي وڪري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. هتان جو پڙھيل لکيل نوجوان، غريب ۽ مزدور منشيات مرض ۾ وڪوڙجي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button