سنڌ

حيدرآباد ۾ بي سيڪشن پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو

حيدرآباد جي لطيف آباد پوڻا 10 نمبر جي ڳوٺ ٻگهيو جي رهواسين بي سيڪشن پوليس جي زيادتين خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سردار ۽ رامون چيو ته آچر واري رات بي سيڪشن پوليس جا اٽالا گهرن ۾ داخل ٿي اشوڪ کي منشيات جي ڪوڙي ڪيس ۾ کنڀي ويا آهن. هنن چيو ته اشوڪ بيگناهه آهي. کين مين پڙي جي ڪوڙي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو آهي. هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button