زراعت ۽ ڪاروبارسنڌ

ٿر ۾ زرعي جنسن جا اگهه ڪيرائيندڙ واپارين جي هڪ هٽي خلاف ڌرڻو

مٺي:مٺي ۾ هاري ۽ پورهيت دوست نوجوان اتحاد ٿرپارڪر پاران ٿر ۾ فصل، ڀاڄيون، ميوا توڙي نامياتي سوغاتن جو سرڪاري اگهه مقرر نه ڪرڻ ۽ مختلف جنسن جي سستي اگهھ ۾ وڪرو ٿيڻ خلاف اتحاد جي راڪيش ڪمار، چندر آسواڻي، حميد نهڙيو ۽ آڪاش هميراڻي جي اڳوڻي ۾ سول اسپتال مٺي کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جتي ڌرڻو هڻي ڪيترائي ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪيو ويو. احتجاج ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو، جماعت اسلامي ضلعي ٿر جي امير سبحان سميجو، هاري اڳواڻ سالم سومرو، سماجي اڳواڻ اڪبر درس ۽ عارف شاھه، ديال صحرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته برساتن پوڻ کان اڳ ٿر ۾ مختلف جنسن گوار 6000 هزار رپيا مڻ، ٻاجھر 4000 رپيا مڻ، مُڱ 8000 رپيا مڻ، موٺ 6000 رپيا مڻ ۽ ڪُريون 5000 هزار رپيا اگهه تي وڪرو ٿينديون هيون. جڏهن ته برساتن بعد منافعي خور واپارين ٿر ۾ مختلف جنس جو اگهه ٻيڻ تي ڪيرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ گوار 3800 رپيا مڻ، ٻاجهر 1800 رپيا مڻ، مڱ 3200 رپيا مڻ، موٺ 2500 رپيا مڻ ۽ ڪُريون 1500 رپيا مڻ مقرر ڪري معاشي استحصال ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ٿر ۾ واپارين جي مافيا جنسن جا اگھه پاڻ طئي ڪري ٿي، اعليٰ اختياريون ٿر جي فصل جي مختلف جنسن، ڀاڄين، ميون ۽ ٻين نامياتي سوغاتن جا سرڪاري اگهه مقرر ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button