اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ ڊينگي متاثر شهرين جو انگ 4 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد : هلندڙ موسم ۾ اسلام آباد ۾ ڊينگي متاثر شهرين جو انگ 4 هزار کان ٽپي ويو آهي. وي ايڇ او مطابق اسلام آباد غوري ٽائون ۾ ڊينگي وگهي 6 ماڻهو فوت ٿي ويا. هلندڙ سيزن اسلام آباد ۾ ڊينگي وگهي 17 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ڊي ايڇ او مطابق اسلام آباد جي ٻهراڙي وارن علائن مان 11 جڏهن ته شهري علائقن مان 6 ڄڻا فوت ٿيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن اندر اسلام آباد ۾ ڊينگي سان وڌيڪ 31 شهري متاثر ٿيا. ڊيگي متاثر شهرين جو انگ 4 هزار 102 ٿي ويو. اسلام آباد جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 11 ڪيس ظاهر ٿيا. ٻهراڙي وارن علائن ۾ ڊينگي جي مريضن جو ڪل انگ 2 هزار 368 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد جي شهري علائقي مان 20 ڪيس سامهون آيا. شهري علائقن ۾ ڊينگي وائرس جو ڪل انگ هڪ هزار 734 ٿي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ 11 مريض آندا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button