اسلام آبادپاڪستان

احساس راشن پروگرام جي رجسٽريشن اڄ کان شروع ٿي ويندي

اسلام آباد :احساس راشن پروگرام جي رجسٽريشن اڄ کان شروع ٿي ويندي ۽ رجسٽريشن چئن هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيا نشتر وزيراعظم جي اعلان ڪيل احساس راشن پروگرام جو تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته اهي غريب خاندان جن جي مهيني وار آمدني 31 هزار رپين کان گهٽ آهي، انهن جي رجسٽريشن سومر کان شروع ڪئي ويندي. هن مقصد لاءِ هڪ ويب پورٽل ٺاهيو ويندو ۽ مستحق خاندان روزمرهه استعمال جون شيون مثال طور اٽو، داليون، تيل، کنڊ وغيره يوٽلٽي اسٽور ۽ پرچون جي دڪانن تان سستي اگهه تي خريد ڪري سگهندو. گهٽين ۽ محلن ۾ کليل ننڍن پرچون جا دڪان به جيڪڏهن رجسٽرڊ ۽ هن نظام ۾ هئا ته اهي به سهولت فراهم ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر ثانيا نشتر مطابق رجسٽريشن جو عمل ٽن کان چئن هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندو، ان مان فائدو وٺڻ لاءِ قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي رجسٽرڊ فون نمبر گهربل هوندو. جيڪو شيون خريد ڪرڻ کان اڳ خاص اسٽورز تي ڏنو وڃي، جنهن کان پوءِ شهري سستي اگهه تي شيون وٺي سگهندا. هن ٻڌايو ته 2 ڪروڙ رجسٽرڊ گهراڻن ۾ هر مهيني هڪ هزار رپين جي سبسڊي ڏني ويندي. هي رقم هڪ مهينو استعمال نه ٿيڻ تي ايندڙ مهيني به استعمال ٿي سگهندي. هن چيو ته ريٽل اسٽورز جيڪي هن پروگرام ۾ رجسٽرڊ ٿيڻ چاهين ٿا، انهن جي تصديق ڪئي ويندي، جنهن لاءِ انهن جو بئنڪ اڪائونٽ گهربل هوندو ته جيئن سبسڊي جي رقم وصول ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button