اسلام آبادپاڪستان

مهانگائي کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان بهتر نموني سنڀاليو:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. ڪالهه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته عالمي سطح تي شين جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ دنيا جي ٻين ملڪن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته انهن ملڪن کي ڪرونا دوران لاڪ ڊائون به بُري ريت متاثر ڪيو آهي پر پاڪستان انهن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو آهي ته ڪرونا جي بندشن جي ڪري عالمي سطح تي ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ غير معمولي اضافي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ان چئلينج کي سراسري طور بهتر انداز ۾ منهن ڏنو آهي. پاڪستان ماشاءَ الله سراسري طور تي بهتر رهيو آهي. وزيراعظم ناڻي واري صلاحڪار جي ترجمان مزمل اسلم جو هڪ وڊيو ڪلب به شيئر ڪيو، جنهن ۾ پاڪستان جي معيشت بابت ڪجهه غلط تصورن کي رد ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button